عام چونڊون 8 فيبروريءَ تي هر صورت ۾ ٿينديون، اليڪشن ڪميشن جو اعلان

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن عام چونڊون هر صورت ۾ 8 فيبروري تي ئي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ آهي ته  عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ سڪيورٽي چئلينجن باوجود اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ تيار آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا  جي صدارت هيٺ  ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ ۽ سڪيورٽي صورتحال بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز، گهرو سيڪريٽري،  آءِ جي بلوچستان، آءِ جي ڪي پي، چيف سيڪريٽري بلوچستان سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته  8 فيبروري تي عام چونڊون وقت تي ٿينديون. هن چيو ته عام چونڊن ۽ امن امان ۾ خلل وجهندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو، وڳوڙين سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وفاقي گهرو وزير گوهر اعجاز چيو ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، عام چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ٿينديون. گوهر اعجاز چيو ته  اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن لاءِ مڪمل سڪيورٽي  فراهم ڪئي ويندي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون