8 فيبروري احتساب جو ڏينهن آهي پنهنجي ووٽرن جو ڌيان 8 فيبروري طرف ڏياريو آهي : بتول فاطمه

- Advertisement -
صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 110 تي جي ڊي آءِ اميدوار بتول فاطمه چيو آهي ته 8 فيبروري احتساب جو ڏينهن آهي پنهنجي ووٽرن جو ڌيان 8 فيبروري طرف ڏياريو آهي، اليڪشن جي صورت ۾ ڦورن ۽ واپاري سياستدانن جي احتساب جو ڏينهن اچي پهتو آهي. ڪراچيءَ جي علائقي ڪلفٽن بلاڪ فائيو ۾ گهر گهر چونڊ مهم دوران ووٽرن سان ڳالهائيندي بتول فاطمه چيو ته ڪراچي شهر جي تباهي جو بدلو وٺڻ جو ڏينهن اچي ويو آهي، سندس چونڊ نشان ستارو آهي جيڪو هن شهر جي قسمت بدلائي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته شهري ۽ ٻهراڙي واري ورهاست جي سياست ذريعي عوام ۾ نفرت پکيڙيندڙن کي رد ڪرڻ جو ڏينهن اچي پهتو آهي. صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 110 تي جي ڊي آءِ اميدوار بتول فاطمه چيو ته 8 فيبروري ماضي جي غلطين کي سڌارڻ جو ڏينهن آهي، هن ڀيري کين ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ووٽ اها ٻن ڌارن واري تلوار آهي جيڪا صحيح جاءِ تي لڳي ته زندگي سنواري ڇڏي جيڪڏهن غلط جاءِ تي لڳي وڃي ته تباهي مقدر بڻجي ويندي آهي. صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 110 تي جي ڊي آءِ اميدوار بتول فاطمه چيو ته عوام پنهنجو ووٽ آزمايل ماڻهن ۽ شخصيت پرستي بدران اهڙن ماڻهن کي ڏئي جيڪي شهر لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهن ٿا، پنهنجي زندگي ۾ سڪون لاءِ پي ايس 110 تي کيس ڪامياب ڪريو، 8 فيبروري تي ستاري تي مهر لڳائڻ نه وساريو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون