- Advertisement -
امريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهن، چاهين ٿا ته ان عمل ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو احترام ڪيو وڃي.
واشنگٽن ۾ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي چونڊ عمل کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان چيو ته کين پرتشدد واقعن، ميڊيا تي پابندي، انٽرنيٽ جي آزادي ۽ اظهار راءِ ۾رنڊڪن تي ڳڻتي آهي، هو چاهين ٿا ته چونڊ عمل ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو احترام ڪيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستانين کي صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق آهي، بنا ڪنهن خوف، تشدد ۽ ڌمڪي جي، پاڪستاني عوام کي پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي.- Advertisement -
