- Advertisement -
شهيد راڻي بينظير ڀٽو زرداريءَ جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻيون سياسي پارٽيون ذاتي مفاد ۽ پ پ عوام لاءِ ڪم ڪندي آهي، اقتدار ۾ اچي 30 لک گهر، روزگار ۽ ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏنا ويندا.
آصفه ڀٽو زرداري طرفان چونڊ مهم جي سلسلي ۾ نوابشاهه ۾ ريلي ڪڍي وئي.
آصفه ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ شهر جي مختلف علائقن ۾ ريلي ڪڍي چونڊ مهم هلائي.
شهر جي مختلف هنڌن تي جيالن ۽ شهرين طرفان گلن جي ورکا ڪري آصفه ڀٽو زرداري جي شاندار آجيان ڪئي ۽ جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ويا.
ريلي دوران آصفه ڀٽو زرداري جيالن کي نعرن جو هٿ کڻي جواب ڏيندي رهي.
آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ٻيون سياسي پارٽيون ذاتي مفاد ۽ پ پ عوام لاءِ ڪم ڪندي آهي، اقتدار ۾ اچي 30 لک گهر، روزگار ۽ ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حق ڏنا ويندا.
هن چيو ته عوام ترقي ۽ خوشحالي چاهي ٿو ته 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هنيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پ پ هميشه غريبن جي خدمت ڪئي آهي، اقتدار ۾ اچي 10 نقاطي منشور تي عمل ڪري عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا….- Advertisement -
