- Advertisement -
قمبر ويجهو ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻه پورهيت فوت ٿي ويا، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.
ٻيڙو چانڊيو ڀرسان انڌي موري وٽ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پوريهت ياسين علي ٻرڙو ۽ بابر علي ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي نوجوانن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان روزگار خاطر لاڙڪاڻي وڃي رهيا هئا ته افسوسناڪ واقعو پيش آيو.
ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو- Advertisement -
