- Advertisement -
ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نينگر فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.
سائيٽ ٿاڻي جي حد پاور هائوس ڀرسان ٺٽي روڊ تي ڪار روڊ پار ڪندڙ 13 ورهين جي بولا پٽ محمد حسين پٺاڻ کي ٽڪر هنيو جيڪو موٽرسائيڪل ۾ وڃي لڳو.
حادثي جتيجي ۾ 13 ورهين جو بولا پٺاڻ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار زبير سيال زخمي ٿي پيو.
حادثي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمي کي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڪار سوار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
13 ورهين جي بولا پٺاڻ جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
