- Advertisement -
نگران حڪومت، آءِ ايم ايف جي شرط تي گيس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پروٽيڪٽڊ، نان پروٽيڪٽڊ صارفين ۽ ڪيپٽيو پاور پلانٽس جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ گيس جي قيمتن ۾ سئو رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نان پروٽيڪٽڊ صارفين جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ٿيندي، بلڪ ۾ گيس استعمال ڪرڻ وارن لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت ۾ 900 رپين جي اضافي جو امڪان آهي.
سي اين جي سيڪٽر جي لاءِ في ايم بي ٽي يو قيمتن ۾ 170 رپين جو اضافو ٿيند ڀاڻ ڪارخانن جي لاءِ گيس جو ريٽ به معمولي وڌايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گيس جي اگهن ۾ اضافي جي حتمي منظوري اڄ وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي، گيس جي قيمتن ۾ اضافو پهرين فيبروري کان لاڳو هوندو……- Advertisement -
