عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

- Advertisement -
8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ 19 فيبروريءَ تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي بينچ جو حصو هوندا. چار ڏينهن اڳ درخواست علي خان نالي شهري طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو هو. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ چونڊ نتيجن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي عمل کي روڪيو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عدليا جي نگراني هيٺ 30 ڏينهن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڌانڌلي، اليڪشن فراڊ جي جاچ توڙي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون