- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر نديم افضل چن چيو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڳالهين لاءِ ٺاهيل ڪميٽين ۾ صلاح مشورو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.
سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام راڄڌاني ٽائيم ۾ ڳالهائيندي نديم افضل چن چيو ته اڄ صورتحال واضح ٿي ويندي، انشاءُ الله اڄ ڪميٽين جي فيصلن جو اعلان ڪيو ويندو، سفارشن بابت في الحال ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهجي .
هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي ڪميٽي سان ماضي جي حوالي سان سخت شڪايتون هيون، ن ليگ کي ٻڌايو آهي ته ماضي جو تجربو سٺو نه رهيو آهي.
پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته پنجاب ۾ پ پ ڪارڪنن ۽ اميدوارن کي ن ليگ اسپيس نه پئي ڏئي، ان معاملي تي به شڪايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي رڳو آئيني عهدا گهريا آهن ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه گهريو آهي، معاشي سڌارا، لوڪل گورنمينٽ جي معاملي ۽ نجڪاري سميت ٻين معاملن تي ن ليگ سان ڳالهيون ڪيون آهن.
پ پ اڳواڻ نديم افضل چن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان سان به رابطي ۾ آهي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نااهل آهي جنهن تڪراري ڪردار ادا ڪيو، سياسي اتحاد ٺهندا رهندا آهن .
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان ۽ تحريڪ انصاف پاران اتحاد ڪرڻ تي پاڻ ئي پنهنجي ڪارڪنن کي جواب ڏيندا.- Advertisement -
