- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن، راولپنڊي جي ڪمشنر جا الزام رد ڪندي معاملي جي انڪوائري جو اعلان ڪيو آهي.
راولپنڊي ڊويزن جي ڪمشنر لياقت علي چٺا جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ بيان جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به عهديدار نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر کي ڪا به هدايت جاري ناهي ڪئي.
هن چيو ته ڪنهن به ڊويزن جو ڪشمنر، ڊي آر او يا پرزائيڊنگ آفيسر ناهي هوندو نه ئي ڪمشنر جو اليڪشن ۾ ڪو سڌيءَ ريت تعلق هوندو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جلد معاملي جي انڪوائري ڪئي ويندي- Advertisement -
