نگران وزيراعظم وفاقي ڪابينا جوا جلاس اڄ طلب ڪري ورتو، 8 نڪاتي ايجنڊا جاري

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو جنهن جو 8 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ اِي سي سي ۽ سي سي ايل جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي. ايجنڊا موجب، ڊي جي فنانشل مانيٽرنگ جي ڊيپوٽيشن ۾ هڪ سال جي واڌ ڪرڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته ڊرگ انسپيڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري به غور هيٺ ايندي. هوڏانهن وفاقي ڪابينا 35 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، گھرو وزارت جي سمري تي ڪابينا کان سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرپشن، ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ شامل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب، سرڪاري ادارن مان ملازمت ڇڏي فرار ٿيندڙن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا جڏهن ته 30 ڄڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون