- Advertisement -
پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته ميمبرن جي قسم کڻڻ کانسواءِ ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، اڃا تائين عورتن ۽ اقليتن جي خاص سيٽن جو فيصلو ٿيڻو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول ڏيندا.
پنجاب اسيمبلي آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سبطين خان چيو ته هو اسيمبلي اچي ويو آهي ڏسي ٿو عوام جي چونڊيل نمائندن کي اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيڻ کان ڪير روڪي ٿو.
سندس چوڻ هو ته جن ميمبرن کي روڪيو ويو آهي سندن بابت پتو ڪري رهيو آهي، سڪيورٽي ان لاءِ سخت ڪئي وئي آهي ته ڪجهه کي اسيمبليءَ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ملي آهي، ڪجهه کي نه پئي ڏني وڃي.
پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر سبطين خان چيو ته ميمبرن جي قسم کڻڻ کانسواءِ ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، اڃا تائين عورتن ۽ اقليتن جي خاص سيٽن جو فيصلو ٿيڻو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول ڏيندا.- Advertisement -
