- Advertisement -
مسلم ليگ نون سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته آءِ ايم ايف بابت تحريڪ انصاف جو بيان افسوسناڪ آهي، هي عمل حب الوطني جي ڪهڙي درجي ۾ اچي ٿو؟، هن سان پاڪستان کي نقصان ٿيندو.
سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته تحريڪ انصاف باني آءِ ايم ايف کي خط لکڻ چاهي ٿو، هو چئي رهيو آهي ته آءِ ايم ايف چونڊن جي جاچ کانپوءِ امداد ڏيندي.
سندس چوڻ هو ته هو ٻين جا محتاج آهي، تحريڪ انصاف باني به پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف وٽ ويو هو، هاڻي به هو آءِ ايم ايف ڏانهن ان شوق سان نه وڃي رهيا آهن، سندس دور ۾ به ڌانڌلي ٿي، ڪنهن نه چيو ته آءِ ايم ايف امداد بند ڪري ڇڏي.
مسلم ليگ نون سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ سينيٽر پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو نقصان پاڪستان کي ٿيندو، پاڪستان لاءِ پرڏيهي امداد جو رستو روڪڻ ڪهڙي حب الوطني آهي؟.
سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سندن نيڪ نيتي تي شڪ نه هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وارا ٻاهرين دنيا ۾ وڃي ڳالهيون ڇو ڪندا آهن؟، دشمني سياسي پارٽي ۽ اليڪشن جي عمل سان آهيته ٻاهرين دروازن تي ڇو ويندا آهيو؟.- Advertisement -
