- Advertisement -
ڪراچي ۾ پوليس مختلف مقابلن دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ ۽ 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لياري ايڪسپريس وي ويجهو سولجر ٿاڻي جي پوليس سان مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي سڃاڻپ تنوير جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري سنگين وارداتن ۾ ملوث آهي، سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
اسٽيل ٽائون پوليس مقابلي ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گلشن حديد فيز ٿري ۾ مقابلي دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو آهي.
پوليس موجب، گرفتار ڦورن جي قبضي مان پسٽل ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
سٽي پوليس ۽ لياري گينگوار جي ڏوهارين ۾فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، شجاع نالي جوابدار جو تعلق سميع الله لاکو سان آهي، جوابدار ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي.
ٻئي پاسي بوٽ بيس پوليس چائنا پورٽ ڀرسان مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي سوگھو ڪري سندس قبضي مان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.- Advertisement -
