- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته نگران دور ۾ صوبي جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سمورن وزيرن محنت سان ڪم ڪيو.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو الوداعي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي نگران وڏي وزير، چيف سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرن توڙي عملدارن جا ٿورا مڃيا.
سندس چوڻ هو ته الله جي ڪرم سان چونڊون ٿي ويون ۽ نئين حڪومت قائم ٿي رهي آهي، نئين سرڪار لاءِ هو نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا.
هن چيو ته نگران دور ۾ صوبي جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سمورن وزيرن محنت سان ڪم ڪيو.
ڪابينا، صوبائي ڪابينا جي منٽس جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته جسٽس رٽائرڊ نذر اڪبر کي صحافين جي تحفظ جي ڪميشن جو چيئرمين پڻ مقرر ڪيو….- Advertisement -
