- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ طرفان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ گهرو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي گم ٿيل شهرين جي ٽريول هسٽري به حاصل ڪري جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2016ع کان گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 2016ع ۾ ڪامران ڪمال شاهه لطيف ٽائون مان گم ٿي ويو هو، جنهن جو اڃا تائين پتوناهي پيو.
عدالت شهري جي بازيابي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 30 جي آءِ ٽيز ٺهڻ باوجود شهري جو پتو ناهي لڳايو ويو.
عدالت گم ٿيل شهرين جون تصويرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت ڊي آءِ جي کي به گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ ۾ سهڪار جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتو ڪري ڇڏي.- Advertisement -
