- Advertisement -
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات توڙي لينڊسلائيڊنگ سبب ٿيل تباهي ۽ نقصان، وزيراعظم شهباز شريف پشاور جو دورو ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پشاور جو دورو ڪري رهيو آهي جتي لاڳاپيل اختياريون برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب تباهي بابت وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏينديون.
ذريعن موجب، وزيراعظم ڪي پي جي متاثر علائقن جو هوائي دورو به ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف متاثرن سان ملاقات ۽ متاثرن ۾ امدادي سامان پڻ ورهائيندو.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي سان به ملاقات ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين طرفان صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري آپريشن بابت بريفنگ ڏني ويندي.- Advertisement -
