- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه 22 ڏهائي 5 ارب رپين جي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي جي 60 سيڪڙو آبادي کي 5 هزار رپيا روڪ رقم رمضان جي مهيني ۾ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اجلاس ۾ ذخيرو ڪندڙ ۽ منافعي خورن خلاف اڄ کان ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته هر خاندان کي رمضان مهيني ۾ 5 هزار رپيا بينڪ ذريعي ڏنا ويندا.
هن چيو ته 34 هزار رپين تائين مهيني جي آمدني وارن کي رمضان ۾ رليف ڏنو ويندو.
وڏي وزير پاران ڪمشنر کي ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جو زڪوات کاتو هڪ لک 10 هزار غريب خاندانن کي 14 هزار رپيا ادا ڪندو.
وڏي وزير پاران رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو عملدارن کي لاڳاپيل علائقن ۾ بجلي نظام بهتر ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڪيون ويون.- Advertisement -
