عثمان شاهه هڙي ويجهو ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

- Advertisement -
عثمان شاهه هڙي ويجهو ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته وارثن پاران لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ابراهيم شاهه لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ڏوهارين جي فائرنگ ۾ گيانچند مارجي ويو ۽ رامون زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل نوجوان ڪنڊِيارِي جو رهواسي هو، جيڪو ڳوٺ جعفر ساند مائٽن ڏانهن تعزيت لاءِ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. وارثن پاران مقتول گيانچند جو لاش ٽنڊو الهيار روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڊاسوڙي، عمر ساند پوليس احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو، سندن احتجاج جاري رهندو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
25%
2.8m/s
70%
اربع
23 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون