ڀارت ۾ ٽي فٽ قد رکندڙ نوجوان ڊاڪٽر بڻجي ويو

- Advertisement -
ڀارت ۾ ٽي فٽ قد رکندڙ نوجوان ڊاڪٽر بڻجي ويو. هندستان ٽائمز موجب ڀارتي رياست گجرات ۾ 23 ورهين جو نوجوان گنيش برايا غيرمعمولي قيد جي باوجود پنهنجو ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ٽي فٽ جي گنيش برايا کي شروعاتي طور تي ميڊيڪل ڪونسل آف انڊيا ايم بي بي ايس ۾ داخلا لاءِ نااهل قرار ڏيندي چيو هو ته ننڍي قد جي ڪري هو ايمرجنسي ڪيس نه ٿو سنڀالي سگهي. گنيش ان باوجود همٿ نه هاري ۽ هو پنهنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اسڪول جي پرنسپل سان گڏجي ضلع ڪلڪٽر ۽ رياسي تعليم واري وزير جي مدد طلب ڪئي. گنيش برايا ميڊيڪل ڪونسل آف انڊيا خلاف گجرات هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو جتي هو ڪيس هارائي ويو پر سندس عزم ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. هن فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، 2018ع ۾ ڪيس کٽيو ۽ آخر ڪار 2019 ع ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو . گنيش برايا ايم بي بي ايس کانپوءِ بهاولنگر جي اسپتال ۾ انٽرنشپ به ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ آهي ته مريض کيس ڏسڻ بعد حيران ۽ پريشان ٿي وڃن ٿا پر علاج لاءِ کيس قبول ڪن ٿا …….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33%
3.9m/s
59%
اڱارو
21 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون