- Advertisement -
پڊعيدن ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري شهرين پاران ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
شهر ۾ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته ارشد خان ملڪ، منور علي سيال، واجد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
هنن چيو ته رات دير سان 3 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ميڊيڪل اسٽور تي ڪاهه ڪري اسٽور مالڪ ارشد ملڪ کان روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا.
سندس چوڻ هو ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
