- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري آهي، يهودي فوج حملن ۾ تيزي آڻيندي غزه جي رهائشي علائقن تي بمباري ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 90 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بمباري سبب وڌيڪ 23 فلسطيني شهري شهيد ٿيا جڏهن ته الدراج ۽الزيتون محلن تي بمباري ۾ ٻن عورتون ۽ 7 ٻارن شهادت جو جام پيتو.
يهودي فوج رفح ۾ يو اين جي امداي ايجنسي جي آفيس کي به دفتر جو نشانو بڻايو ويو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 31 هزار272 ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي القسام بريگيڊ سمنڊ رستي اسرائيلي فوجي اڏي تي حملو ڪيو آهي.
عرب ميڊيا موجب، ويڙهاڪن غزه پٽي جي اتر واري علائقي ۾ قائم زيڪيم بيس تي حملو ڪيو جنهن دوران يهودي فورسز کي وڏي مالي ۽ جاني نقصان پهچائڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوجي ترجمان حملي جي تصديق ڪئي آهي پر نقصان جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪارڪري ڇڏيو.- Advertisement -
