- Advertisement -
سينيٽ جي خالي پيل 6 سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ عمل جاري آهي.
بلوچستان جي 3، سنڌ جي 2 ۽ اسلام آباد جي هڪ سيٽ لاءِ ووٽنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام چئين وڳي تائين جاري رهندو.
ووٽنگ جو عمل قومي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليءَ ۾ جاري آهي.
سينيٽ جي خالي پيل سيٽن تي چونڊن لاءِ پهريون ووٽ جي يو آءِ جي عبدالغفور حيدري ڪاسٽ ڪيو.
اسلام آباد جي سيٽ تي پ پ جي اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار چوڌري الياس مهربان ۾ وچ ۾ مقابلو جاري آهي.
سنڌ جي ٻن سيٽن تي پ پ جو ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ محمد اسلم ابڙو اميدوار آهن، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار نذير الله ۽ شازيه سهيل ميدان ۾ لٿل آهن.
بلوچستان جي سينيٽ جي ٽن سيٽن تي 7 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.- Advertisement -
