سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ارسا چيئرمين جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ارسا جو مقصد اهو ئي هو ته ان ۾ وفاق جو ڪوبه اثرانداز نه هجي، نگران حڪومت ۾ هڪ آرڊيننس آيو هو، جنهن ۾ ترميم ڪئي وئي ته وفاق جو هڪ نمائندو ارسا جو ميمبر هجي، هنن ڪابينا ۾ ان تي احتجاج جو فيصلو ڪيو، نيشنل اسيمبلي ان وقت موجود نه هئي، هڪ وقت اهو به ٿيو هو وفاق جو هڪ نمائندو ڪيو هو، جنهن تي سنڌ حڪومت جو سخت احتجاج آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته گذريل ڏينهن سندس ڪابينا مڪمل ٿي آهي، ڪجهه آفيسرن لاءِ لکيو آهي، اهي به اچي وڃن، ڪابينا کي امان امان بابت بريفنگ ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي، شهباز شريف ۽ باني پي ٽي آءِ جو دور هجي، پيپلزپارٽي جي ن ليگ کي سپورٽ آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 2016ع ۾ هو پهريون ڀيرو وڏو وزير ٿيو، ان وقت پ پ ۽ ن ليگ جا لاڳاپا گهڻا خراب هئا، هن ان وقت آصف علي زرداري کان پڇا ڪئي ته هو ن ليگ سان ڪيئن ڪم ڪري جنهن تي آصف زرداري چيو ته اوهان صوبي جي بهتري لاءِ ن ليگ وارن سان ملو ۽ ڪم ڪريو. هن چيو ته علي امين گنڊاپور کي به چئي ٿو ته پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪم ڪري، علي امين گنڊاپور پنهنجي حق لاءِ ضرور آواز بلند ڪري. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آزاد ۽ جي ڊي اي جا سڄي سنڌ ۾ اميدوار به نه هئا، کين ڄاڻ هئي ته هو اليڪشن هارائي ويندا، هو پنهنجي ايم پي اي جي فارم 45 جي گارنٽي ڏئي ٿو، سندس تڪ ۾ جي ڊي اي اميدوار جي اڪثر پولنگ اسٽيشنن ۾ ايجنٽ ئي موجود نه هو. مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته ملڪ کي ڏکي حالتن مان ڪڍڻ لاءِ نئون ناڻي وارو وزير اهم ڪردار ادا ڪندو، هو انٽر بورڊ جي چيئرمين جي معاملي کي ڏسي رهيو آهي، اڃا ڪوبه وزير ناهي ته هو کاتي کي ڏسي پيو، هن مسئلي کي جلد حل ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون