پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وفد وچ ۾ قرض جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون اڄ به جاري رهنديون

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وفد وچ ۾ قرض جي ايندڙ قسط لاءِ ڳالهيون اڄ به جاري رهنديون. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد کي ايف بي آر سڌارن، ٽيڪس اوڳاڙي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي، هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي تي وڌيڪ فوري قدمن بابت به بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بينڪ اختياريون جعلي ڪرنسي روڪڻ لاءِ نوان پلاسٽڪ نوٽ جاري ڪرڻ جي پلان تي آءِ ايم ايف وفد کي بريفنگ ڏينديون، اهڙي قسم جا ڪرنسي نوٽ اوڀر ملڪن ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي گڏيل قومن جي اينٽي ڪرپشن ڪنوينشن تحت ملڪي رپورٽ جاري ڪرڻ بابت به بريفنگ ڏني ويندي. آءِ ايم ايف پاڪستان کان اينٽي ڪرپشن جي ادارن کي صلاحيتن بابت ماهرن کان رپورٽ تيار ڪرائڻ جو شرط رکيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي هن شرط تي عمل گهرو وزارت ۽ قانون واري وزارت کي ڪرڻو آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف کي حڪومت ادارن جي صلاحيت بهتر بڻائڻ ۽ خانگاهڻ بابت به بريفنگ ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون