تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ولاديمير پيوٽن لاڳيتو پنجون ڀيرو روس جو صدر چونڊجي ويو

- Advertisement -
روسي جي صدر ولاديمير پيوٽن رڪارڊ پنجون ڀيرو صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري اقتدار تي پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪري ورتي آهي. پيوٽن روس جي 200 سالا تاريخ ۾ جوزف اسٽالن کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ اڳواڻ بڻجي ويو. 71 ورهين جو پيوٽن ڪـَي جـَيِ بي ليفٽيننٽ ڪرنل به رهي چڪو آهي، پيوٽن 1999 ۾ اقتدار ۾ آيو ۽ هاڻي وڌيڪ 6 سالن تائين اقتدار  ۾ رهندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، روسي صدارتي چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 67 سيڪڙو رهيو. ولاديمير پيوٽن 88 سيڪڙو ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ هو سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنڻدڙ روسي اڳواڻ بڻجي ويو. صدارتي اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ چيچنيا ۾ 96 سيڪڙو ووٽنگ ٿي جڏهن ته روس کان ٻاهر سڄي دنيا ۾ 230 پولنگ اسٽيٽنن تي سوا لک ووٽرن پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪيو. ٽي ڏينهن واري پولنگ ۾ صدر پيوٽن جي مقابلي ۾ 4 اميدوار هئا جن مان هڪ مخالف ڌر اڳواڻ اليڪسي نوالني پراسرار نموني جيل ۾ مارجي ويوهو. ٻئي پاسي امريڪا روس جي صدارتي چونڊن تي تنقيد ڪندي چيو ته اليڪشن صاف شفاف ناهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون