تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حيدرآباد ۾ جنوني شخص هٿان قتل ٿيل قانون جي شاگردياڻي يسرا جو ڀاءُ آڪاش پٺاڻ به فوت

- Advertisement -
حيدرآباد ۾ جنوني شخص هٿان قتل ٿيل قانون جي شاگردياڻي يسرا جو ڀاءُ آڪاش پٺاڻ به زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. 7 مارچ تي قاسم آباد واري علائقي واڌو واهه روڊ تي ڪار سوار جوابدار ارشاد کوکر، موٽرسائيڪل تي ويندڙ يسرا پٺاڻ کي گوليون هڻي قتل ۽ سندس ڀاءُ آڪاش کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو. جوابدار ارشاد کوکر يسرا پٺاڻ کي قتل ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو هو. زخمي آڪاش پٺاڻ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد آڪاش پٺاڻ جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. آڪاش پٺاڻ جي موت جو اطلاع ملڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ شاگردياڻي يسرا بتول جي ڀاءُ عمير پٺاڻ نسيم نگر ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون