ڪوٽڙي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٽن هٿياربند کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ اوٺا وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
پوليس موجب مقابلي دوران ٽن ڏوهارين وحيد هڱورو، مرتضيٰ کوسو ۽ محمد علي شيخ کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان پسٽل ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.