تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ، ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل چارجز وصوليءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي

سنڌ هائيڪورٽ، ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل چارجز وصوليءَ ۾ اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪندي ڪراچيءَ جي ميئر کي ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدي جا ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ، ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل چارجز وصوليءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته درخواست ڏيندڙن کي ٽيڪس وصوليءَ تي ڪو به اعتراض ناهي، انهن کي رڳو ڪي اليڪٽرڪ ذريعي چارجز وصول ڪرڻ تي اعتراض آهي.

هن چيو ته هو نظام بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل چارجز وصوليءَ ۾ اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪندي ميئر کي ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدي جا ڪاپي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته  شهر ۾ ڪڏهن به ڪجهه خراب ٿيندو آهي ته ذميواري ڪي ايم سي تي وڌي ويندي آهي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ميونسپل ٽيڪس وصولي واري معاملي ۾ ڪنٽونمينٽ وارا علائقا شامل ناهن، قانون ۾ هڪ ئي وقت ٻن ٽيڪسن جي اجازت ناهي، الميو آهي ته شهري واٽر بورڊ جا بل ادا نٿا ڪن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ رڳو 20 سيڪڙو وصول ڪري ٿي، نظام جي خامين جو نقصان ڪي ايم سي کي ٿئي ٿو.

ڪراچيءَ جي ميئر چيو ته سٺو نطام متعارف ڪرائڻ تي اعتراض ڪيو پيو وڃي، ڊجيٽل نظام اچي ويو ته پارڪنگ مافيا ختم ٿي ويندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
15 ° C
15 °
15 °
46 %
0.8kmh
82 %
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
22 °

تازه ترين خبرون