تازه ترين

عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي ڇهن جج جي خط واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ڇهن ججن جي خط واري معاملي جي اڄ ٻڌڻي ڪندي. لارجر بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس يحيى آفريدي، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلال ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن. ٻڌڻي اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي ٿيندي، عدالت جي معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ساڳئي ئي معاملي ۾ اعتزاز احمد ايڊووڪيٽ آئيني درخواستون داخل ڪيون آهن، آئين جي آرٽيڪل 184 ٽي تحت داخل درخواستن ۾ قانون ۽ دفاع وارين وزارت ذريعي وفاقي حڪومت ڌر بڻايو ويو آهي. ياد رهي ته 26 مارچ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جو الزام لڳايو هو. پهرين ته وزيراعظم ان معاملي تي چيف جسٽس جي مشاورت سان انڪوائري ڪميشن جوڙي، پر بعد ۾ چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.5 ° C
29.5 °
29.5 °
14 %
3.4kmh
0 %
ڇنڇر
27 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون