- Advertisement -
سکر پوليس مقابلن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
سکر پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.
پوليس موجب، گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ زبير علي طور ٿي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.
پوليس موجب، ٻيو مقابلو کڏو لنڪ روڊ تي ٿيو جتي غلام شبير عرف موگو کي زخمي حالت ۾گ رفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو ويو.
پوليس ترجمان موجب، گرفتار ٻئي جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل هئا، جڏهن ته سندن وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
