- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
سيوهڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب هڪ ڀاءُ فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ ڳاڙهي واري وٽ انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ بلاول ملاح فوت ۽ سندس ڀاءُ فهيم ملاح زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ڪار ڊرائيور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
پوليس نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ٿاڻي بولا خان ويجهو ماهي جب لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب پيرس ڪريم بخش عرف ڪرو خاصخيلي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
