تازه ترين

گهوٽڪي جي ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو آپريشن، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 5 گرفتار

- Advertisement -
سرحد ويجهو پوليس ۽ رينجرز طرفان ڪچي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو ويو، مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو  ۽ ڇهن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس ۽ رينجرز پاران ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ ڪوٽلا ويجهو راهب شر گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب آپريشن ڌاڙيل منير شر ۽ عبدالحڪيم جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو. ترجمان موجب آپريشن دوران جوابدارن پوليس ۽ رينجرز مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري غلام نبي مارجي ويو. رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران جوابدار منير احمد شر، محمد عالم، عبدالحڪيم، حضور بخش ۽ بابر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ رائفل، 10 موبائيل فونون، ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين کي پوليس حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گڻگي ۽ نئون ڪوٽ واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون