تازه ترين

آءِ ايم ايف ڪيپٽو پاور پلانٽس جا گئس اگهه آر ايل اين جِي برابر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آءِ ايم ايف ڪيپٽو پاور پلانٽس جا گئس اگهه آر ايل اين جِي برابر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، توانائي وزارت جو چوڻ آهي ته حڪومت وٽ ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گئس اگهه وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. آءِ ايم ايف حڪومت کان ڪيپٽيو پاور پلانٽس لاءِ گيس جي قيمتن ۾ پهرين جولاءِ 25-2024ع کان آر ايل اين جِي جي قيمت جي برابر واڌ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. توانائي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي صنعت جيڪا ڪيپٽيو پاور پلانٽس هلائي ٿو، ان تي سخت رد عمل ظاهر ٿيندو، پر حڪومت وٽ ڪيپٽيو پاور پلانٽس لاءِ گيس جي قيمتن کي آر ايل اين جِي جي قيمتن جي برابر وڌائڻ کانسواءِ ڪو به آپشن نه بچيو آهي. توانائي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن موجب، سي پي پيز جي ڪارڪردگي 30-35 سيڪڙو آهي ۽ اڪثر سي پي پيز سوئي سدرن نيٽ ورڪ ۾ نصب آهن، جن جي گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويندو. توانائي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومتي عملدارن سي پي پيز کي نيشنل پاور گرڊ تي منتقل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان ڊسمبر 2024 تائين وقت گهريو هو،  ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترائي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيل ناهن، پر آءِ ايم ايف زور ڀريو ته اهو ڪم جون 2024 تائين مڪمل ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون