تازه ترين

سنڌ حڪومت کي بدامني نگران حڪومت کان ورثي ۾ ملي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي بدامني نگران حڪومت کان ورثي ۾ ملي، فورسز کي تڪراري بڻائڻ سان امن متاثر ڪندڙن کي فائدو پهتو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيان تي رد عمل ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جو موقف پوليس جي جوانن جو مورال گهٽائڻ برابر آهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو مقصد رڳو ڏوهارين جو فائدو پهچائڻ يا پوليس فورس جو مورال گهٽائڻ آهي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيوته  سياسي اڳواڻن کي قانون جي حڪمراني کي ڪمزور ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوام جو تحفظ سندن پهرين ترجيح آهي، امن امان لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪم ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون