عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي ٻن منصوبن ڊيجيٽل اڪانامي ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ 149 ڏهائي 7 ملين ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڊيجيٽل اڪانامي اينهانسمينٽ پراجيڪٽ لاءِ 78 ملين ڊالرز مختص ڪيا ويا آهن، جنهن سان ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ساري ذريعي مالياتي نظام کي بهتر بڻايو ويندو.
هن پراجيڪٽ ذريعي سرڪاري ادارن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي نتيجي ۾ اقتصادي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت کي هٿي ملندي.
سنڌ ۾ بيراجن جي بهتري جي منصوبي لاءِ 71 ڏهائي 7 ملين ڊالر مختص ڪيا ويا جنهن سان ٻوڏ کان بچاءَ يقيني بڻايو ويندو، هن منصوبي سان واهن جي نظام جي لچڪ ۾ اضافو ٿيندو، ٻوڏ واقعن جي ناڪاري اثرن ۾ گهٽتائي ايندي.
خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مالياتي حل ڳولهڻ ۽ ماحولياتي گدلاڻ سان پيدا ٿيندڙ آفتن خلاف پاڻ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
عالمي بئنڪ پاڪستان جي ٻن منصوبن لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالرن جي منظوري ڏئي ڇڏي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5
°
C
9.5
°
9.5
°
26%
2m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
16
°


