تازه ترين

پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن: ميٿو ملر

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته انٽوني بلنڪن جي پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان جمعي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، انٽوني بلنڪن اسحاق ڊار سان ڳالهه ٻولهه ۾ مضبوط پارٽنرشپ جي تصديق ڪئي. هن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ملاقات ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت سوال جواب۾ امريڪي ترجمان چيو ته هو ان معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهن، بحث هيٺ الزامن تي هن وقت ڪوبه تبصرو نٿو ڪري سگھي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون