- Advertisement -
ٺٽي ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
شورا موري وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ سلطان آباد واسي دلدار ٿهيم موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس پهچي ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري فوتيءَ جو مڙهه ۽ زخميءَ کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
فوتي جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو……..- Advertisement -
