- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نگران حڪومت دوران سنڌ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن، 15 سالن جي حڪومت دوران پ پ ڪچي ۾ حالتون بهتر ڪيون، مهانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
ڀان سيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عيد کانپوءِ سموري سنڌ جي دوري جي هدايت ڪئي آهي.
هن چيو ته برساتي ٻوڏ متاثرن کي 5 لک گهر ٺاهي ڏنا ويا آهن، سنڌ ڪابينا نوڪرين تان پابندي ختم ڪئي آهي، پ پ بيروزگار ماڻهن کي روزگار فراهم ڪندي.- Advertisement -
