- Advertisement -
ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ايران جي اسرائيل تي حملي بعد خطي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان، سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.
سعودي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ ايران جي اسرائيل تي حملي بعد خطي جي صورتحال ۾ اڳڀرائي، اثرن ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
سعودي پرڏيهي وزارت موجب، ايراني پرڏيهي وزير ۽ سعودي پرڏيهي وزير وچ ۾ غزا جي پٽيءَ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي.
ان کان اڳ سعودي عرب، ايران طرفان اسرائيل تي ڪيل ڊرون حملن بعد خطي وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي سمورين ڌرين کي انتهائي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
سعودي عرب جو چوڻ هو ته سموريون ڌريون خطي ۽ ان جي ماڻهن کي جنگن جي خطرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن.- Advertisement -
