تازه ترين

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي جي بني گالا مان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي گهرواري بشريٰ بيبي جي بني گالا مان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت بشريٰ بيبي جي درخواست پيروي نه ڪرڻ سبب خارج ڪئي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب حڪم جاري ڪيو. عدالت بشريٰ بيبي جي وڪيلن جي غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اسٽيٽ ڪائونسل عدالت کي ٻڌايو ته عيد تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي ملاقات ڪرائي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اسٽيٽ ڪائونسل کي چيو ته  اهي ماڻهو اهو به نٿا چاهين ته بشريٰ بيبي  گهر کان جيل هلي وڃي، جيڪو هن رليف گهريو آهي خبر ناهي هو اهو چاهي ٿي يا نه.؟ هن چيو ته عدالت سان سياسي راند کيڏي پئي وڃي، مذاق بڻايو ويو آهي، اڄ هن ڪيس کي ٻڌي فيصلو ٻڌايو ويندو. درخواست خارج ٿيڻ جي ڪجهه دير بعد بشريٰ بيبي جو وڪيل عثمان گِل عدالت پهتو ته جسٽس گل حسن اورنگزيب کيس مخاطب ٿيندي چيو ته گل صاحب اوهان جي غير حاضري سبب درخواست خارج ڪئي وئي آهي، هاڻي اوهان درخواست بحالي جي اپيل ڏئي سگهو ٿا. ايڊوڪيٽ عثمان گِل موقف اختيار ڪيو ته هو درخواست بحالي جي اپيل داخل ڪرائيندا………………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
20 %
5kmh
1 %
سُومر
26 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون