- Advertisement -
آمريڪا چيو آهي ته معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان پارٽنرشپ قائم آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته هو پاڪستان سان ڪم جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان سهڪار جاري رکندو.
ويدانت پٽيل جو چوڻ هو ته پاڪستاني ناڻي واري وزير آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.
هن چيو ته پاڪستان کي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ معاشي سڌارن کي اوليت ڏيڻ گهرجي، پاڪستان کي پنهنجي معاشي سڌارن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.
ويدانت پٽيل چيو ته ايران اسرائيل تي سوين بيلسٽڪ ميزائل ۽ ڊرون فائر ڪيا، هي اهڙو عمل ناهي جيڪو فلسطينين جي مفاد ۾ هجي، هو تڪرار کي گهٽائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن.- Advertisement -
