تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

يوڪرين طرفان روس جي جنگي جھاز کي ميزائل جي ذريعي تباھھ جي دعويٰ

- Advertisement -
يوڪرين دعويٰ ڪئي آھي ته روس جو اھم پري تائين وار ڪندڙ جنگي جھاز کي ميزائل جي ذريعي تباھھ ڪيو  آھي. يوڪرين جي ترجمان موجب، روسي جنگي جھاز کي پنھنجي سرحد کان 300 ڪلوميٽر پري تائين سندس حد ۾ تباھھ ڪيو. روسي ترجمان جو چوڻ ھو ته سندن جھاز يوڪرين تباھھ ناھي ڪيو پر ٽيڪنيڪي خرابي جي سبب ڪري تباھھ ٿيو آھي. روسي ترجمان موجب جهاز ۾ سوار 4 ماڻھن مان ھڪ اجل جو شڪار ٿي ويو ۽ 2 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ھڪ شخص ھن وقت تائين گم آھي جنھن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. رپورٽس موجب يوڪرين ان کان پھريان صرف روسي جھاز کي ڪرائيندو ھو جيڪي ان جي حد ۾ ايندا ھئا پر پھريون ڀيرو يوڪرين روس جي سرحدي حد جي اندر حملو ڪري روسي جنگي جھاز ڪرايو ويو . رپورٽس جي موجب روس جو tu_22M3 جنگي جھاز 22 ڪروز ميزائل سان ڀريل ھوندو آھي ۽ اھو پري تائين حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آھي، ان جھاز کي سڀ کان پھريان 1977 ۾ استعمال ڪيو ويو ھو، پر سال 2018 ۾ ان کان وڌيڪ ۽ جديد ٺاھيو ويو، عالمي اداري اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز جي موجب روس وٽ 57 اھڙا جھاز آھن روسي جھاز يوڪريني شھر ڊنيپرو تي حملو ڪري وڌيڪ آبادي کي تباھھ ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ 9 ماڻھو مري چڪا آھن ياد رھي ته روس ۽ يوڪرين جي وچ  ۾ جنگ جو آغاز فيبروري 2022 ۾ ٿيو ھو، ھڪ اندازي جي موجب جنگ ۾ ھاڙي ٻنھي ملڪن جا 50 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو مري چڪا آھن…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
32 %
3.9kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون