ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري سريلنڪا پهچي ويو

- Advertisement -
ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري سريلنڪا پهچي ويو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کيس مهمان کي الوداع ڪيو. ايراني صدر جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ ياد داشتن تي صحيحون ٿيون. ان کان علاوه ايراني صدر رئيسي صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي مهمان ڪراچي ۾ مزار قائد ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزار تي حاضري پڻ ڀري، ابراهيم رئيسي ڪراچي ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به پڻ ملاقات ڪئي. رات ڪراچي ۾ ترسڻ کانپوءِ صبح سوير ايراني صدر سريلنڪا لاءِ روانو ٿيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
24%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
25 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون