- Advertisement -
آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران سان نوان معاهدا ڪرڻ تي پاڪستان مٿان پابنديون لڳائن جو اشارو ڏنو آهي.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ نون معاهدن ۾ اڳڀرائي ٿيڻ جي صورت ۾ پابنديون لڳي سگهن ٿيون.
ويدانت پٽيل چيو ته معاهدي جي ذميوارن کي پابندي جي خطرن کان آگاهه رهڻ گھرجي، پاڪستان کي ايران سان لاڳاپن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تحت ڏسڻ گھرجي، وڏي پئماني تي تباهي جي هٿيارن جي پکيڙ ۽ روڪٿام لاءِ سپلائرز پابندين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
واضع رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر ڪالهه چيو هو ته هو ايران سان واپاري معاهدن تي غور ڪرڻ وارن کي صلاح ڏين ٿا ته هو پابندين جي امڪاني خطري کان آگاهه ٿين. آمريڪا ممڪن پابندين جو جائزو نٿو وٺي.- Advertisement -
