- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته مخالف ڌر ملڪ ۾ وڌيڪ باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿي، تحريڪ انصاف عوام ۽ سندن مسئلن تي ڌيان ڏي.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته سينيٽ وفاق ۽ سمورين اڪائين جي علامت آهي، ڪوشش ڪري ان کي فعال ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وڏي پئماني تي ڌانڌليءَ جي دعويٰ پئي ڪري پر هنن اليڪشن ٽربيونل ۾ گهڻيون درخواستون داخل آهن؟
شيري رحمان چيو ته پي ٽي آءِ وارا عوام کي پيغام نه ڏين تي هو چونڊجي رڳو پنهنجي ذات جي ڳالهه ڪندا.
پ پ سينيٽر چيو ته ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي تحريڪن ملڪ ۽ معيشت کي نقصان پهچايو، پي ٽي آءِ جي موجود سياست سان نه سندن نه ئي ملڪ جا مسئلا حل ٿيندا.- Advertisement -
