- Advertisement -
اسلام آباد جي احتساب عدالت، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي کي رياستي ادارن خلاف بيان بازيءَ کان روڪي ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ باني جي فيئر ٽرائل جي درخواست تي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا وڏو حڪم جاري ڪيو.
حڪم نامي ۾ چيو يوو ته عدالت ٽرائل دوران عدالتي ڪمري ۾ رياستي ادارن ۽ انهن جي آفيسرن خلاف اشارن ۾ ڳالهائڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.
عدالتي حڪم نامي موجب الزام آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن جي اهم شخصيت خلاف سياسي، چڙ ڏياريندڙ ۽ تعصب وارا بيان ڏنا، اهڙا بيان انصاف جي فراهمي ۾ رنڊڪ بڻجي سگهن ٿا.
حڪم نامي موجب ڪورٽ ڊيڪورم ۽ فيئر ٽرائل جي گهرجن جو خيال رکڻ عدالت جي ذميواري آهي.
جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته جيل عملدار جيل عدالت کي عيد کان اڳ واري پوزيشن تي بحال ڪن، جوابدار رياستي ادارن ۽ انهن جي آفيسرن بابت اشاري سان به سياسي، چر ڏياريندڙ ۽ تعصب وارا بيان نه ڏيندا.
حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ٽرائل جي عدالتي ڪارروائيءَ وچ ۾ جوابدارن جا بيان ميڊيا رپورٽ نه ڪندي، پراسيڪيوشن، جوابدارن ۽ سندس وڪيل ٻڌڻي دوران اهڙا بيان نه ڏيندا جيڪي ڪورٽ ڊيڪورم مجروح ڪن.
حڪم نامي موجب ميڊيا سياسي ۽ رياستي ادارن ۽ انهن جي آفيشلز کي ٽارگيٽ ڪندڙ بيان شايع يا نشر ڪرن کان پاسو ڪري، اهو آرڊر پيمرا گائيڊ لائن سان مشروط آهي…….- Advertisement -
