- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ۽ ڪيترائي ٻارڙا مرض ۾ مبتلا ٿي ويا.
ڪشمور جي عيد گاهه پاڙي ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ هڪ نينگر فوت ٿي ويو.
ارڙي وگهي ٽن سالن جو بيت الله کوسو فوت ٿي ويو.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ويڪسين نه ٿيڻ سبب ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.
ارڙي وگهي ست ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد ڪمشنر حيدرآباد ٽنڊي الهيار جي اسپتال پهچي ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جي وارثن سان ملاقات ڪري طبيعت معلوم ڪئي.
ڪمشنر احسن قريشي چيو ته وڏي وزير جي هدايتن تي ٽنڊي الهيار پهتو آهيان، ڪوتاهي ڪندڙ اي پي آءِ جي فوڪل پرسن کي هٽائي ٽن ويڪسينيٽرن کي معطل ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته جاچ رپورٽ اچڻ بعد ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
هوڏانهن سنڌڙي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ارڙي تي ضابطو نه آيو، هفتي دوران ارڙي سبب 12 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز تي ارڙي بابت هلندڙ خبرن جو ڊي سي ميرپورخاص نوٽيس ورتو.
ڊي سي ميرپورخاص جو چوڻ هو ته ڊي ايڇ او کي وئڪسين ڪرائڻ ۽ موبائل ٽيمون متاثر علائقن ۾ موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي.
واضح رهي ته سنڌڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هڪ هفتي اندر ارڙي وگهي 12 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن.
ٻي پاسي ڳڙهي حسن ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا.
ڳوٺ يوسف سرڪي ۾ پنجن سالن جي طيبان ڌي ساجد مهر، ٻارڙو فهد مهر سميت ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ وٺجي ويا.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا مرض ۾ مبتلا آهن، اطلاع باوجود ڊاڪٽرن جي ٽيم ناهي آئي.
هوڏانهن ڌڱاڻو بوزدار ۾ صحت کاتي پاران موڪليل ٽيم ڳوٺ چندرو مئيو پهتي.
صحت کاتي جي ٽيم پاران ارڙي ۾ فوت ٿي ويل ٻارن جي والدين سان ملاقات ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي.
صحت کاتي جي ٽيم پاران سول اسپتال ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ جو اعتراف ڪيو ويو.
ايڊيشنل ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته سول اسپتال ۾ صحت جون گهربل سهولتون نه هجڻ جي صحت کاتي جي وزير کي آگاهي ڏني ويندي.
ڀريا روڊ ويجهو ارڙي وگهي نينگري جي فوت ٿيڻ جي خبر سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو ويو.
نوشهرو فيروز جي ڊي ايڇ او متاثر ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم اماڻي ڇڏي.- Advertisement -
