تازه ترين

حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽٽائي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي، ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 45 پئسا گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 288 رپيا 49 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 42 پئسا في لٽر گهٽتائي کانپوءِ قيمت 281 رپيا 96 پئسا في لٽر ٿي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 74 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 63 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60، 60 رپيا في لٽر ليوي برقرار آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوان اگهه 15 مئي تائين لاڳو هوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون