صحافين جي تحفظ لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس ڪميشن جو قيام پ پ جو ڪارنامو آهي : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ صحافين جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي، صحافين هميشح جمهوريت جي نگهباني ۽ نگراني ڪئي آهي. آزاد صحافت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد بي بي جي ويزن تحت سنڌ حڪومت هميشه آزاد صحافت، تعميري مڪالمي ۽ گڏيل ڀائيچاري کي هٿي ڏئي ٿي. سندس چوڻ هو ته صحافين جي تحفظ لاءِ سڀ کان پهريان پروٽيڪشن آف جرنلسٽس ڪميشن قائم ڪرڻ پيپلزپارٽي جو ڪارنامو آهي. سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اظهار جي آزادي کي پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي ترجيحن تي رکيو آهي، صحافين جي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جو ويزن آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحافين وچ ۾ سهڪار ۽ ڀائيچاري جا ڪيترائي مثال موجود آهن. سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتن کي جوابده بڻائڻ، احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ صحافي ڀائرن جو هميشه اهم ڪردار رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
15 ° C
15 °
15 °
69%
0.8m/s
59%
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون